لاڙڪاڻي ۾ چونڊ سرگرميون، پ پ پاران اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڊويزن جي ايندڙ مڪاني چونڊن جي لاءِ ڊويزن جي سمورن ضلعن جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽرن کي پارٽي ٽڪيٽون حوالي ڪيون ويون، پارٽي جي نامزد اميدوار سامهون بيهڻ يا پارٽي جي نظم ۽ ضبط جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سخت ڪاروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه پاڪستان پيپلز پارٽي ڊويزن لاڙڪاڻو جي صدر ۽ صوبائي صلاحڪار مير اعجاز حسين جکراڻي جي صدارت هيٺ نئون ديرو هائوس ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ پي پي پي قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي صدر قمرالدين گوپانگ، ضلعي ڪنڌڪوٽ ڪمشور جي صدر گل محمد جکراڻي، جنرل سيڪريٽري الطاف حسين کوسو، ضلعي جيڪب آباد جي صدر لياقت علي لاشاري، ضلعي لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري اعجاز احمد لغاري، ضلعي شڪارپور جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار علي خان ڪماريو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.  ان موقعي تي پي پي پي ڊويزن لاڙڪاڻو جي صدر اعجاز حسين جکراڻي ايندڙ مڪاني چونڊن جي حوالي سان ضلعي جي سمورن تڪن جون پارٽي ٽڪيٽون حوالي ڪندي کين هدايت ڪئي ته جاري ڪيل پارٽي ٽڪيٽون جلد کان جلد اميدوارن کي ڏنيون وڃن جيئن هو لاڳاپيل آر اوز جي آفيس ۾ جمع ڪرائي چونڊو وڙهي سگهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ هولڊر جي حق ۾ ٻين اميدوارن کي هٿ کڻايو وڃي جيڪڏهن ڪو به پارٽي ڪارڪن پارٽي جي نامزد ڪيل اميدوار جي سامهون بيٺو يا پارٽي جي نظم ۽ ضبط جي ڀڃڪڙي ڪئي ته ان خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

  • مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪنداسين: اعجاز لسڪاڻي

سانگھڙ (ڊ ر)سانگهڙيوسي نئون آباد مان چيئرمين جي اميدوار اعجاز علي لسڪاڻي  ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوار حسنين لسڪاڻي چيو آھي ته مڪاني چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪنداسين ان ڀيري وڏي انگ ۾ نوجوانن مڪاني چونڊن ۾ حصو ورتو آھي جيڪا خوشي جي ڳالهه آھي، اهڙين ڳالهين جو اظھار نئون آباد مان چيئرمين جي اميدوار اعجاز علي لسڪاڻي ۽ وائيس چيئرمين جي اميدوار حسنين لسڪاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. انهن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته نئون آباد شهر جا ڪيترائي مسئلا آھن جيڪڏهن اسان منتخب ٿياسين ته ترجيحي بنيادن تر مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻنداسين عوام کي گهرجي ته اهي اسلامي تحريڪ جي اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪن ان جو وڌيڪ چوڻ ھو اگر مڪاني چونڊن ۾ ڌانڌلي نه ڪئي وئي ته اسان جي ڪاميابي يقيني آھي ڇو ته اسان عوام جي خدمت جي لاء اليڪشن ۾ حصو ورتو آهي.

  • سيٺارجا ۾ چونڊ سرگرميون، وارڊ نمبر تي آزاد اميدوار جو فارم بحال

سيٺارجا (ن ع آ) مڪاني چونڊن جو سرگرمين شرورع ٿئي ويون آھن ان حوالي سان ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا جي وارڊ نمبر 3 تي فارم  ڀرائيندڙ اميدوار جميل احمد لنڊ به چونڊ سرگرميون شرورع ڪري ڇڏيون آھن,ان جو چوڻ هيو ته سياست عبادت ڪرڻ جو نالو آھي,اسان جي خاندان هميشه سيٺارجا واسين جي خدمت ڪئي آھي,هن جذبي تحت مان به سياست ۾ قدم رکيو آھي,اميد ته پ,پ به مونکي ٽڪيٽ ڏيندي ته جئين پنهنجي ماڻھن جي خدمت ڪري سگهان

 

  • يوسي گپچاڻي ۾ف ليگ جو اميدوار پ پ جي حق ۾ هٿ کڻي ويو

گپچاڻي ( ن ) يوسي گپچاڻي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان پ پ تعلقي دوڙ جو صدر ۽ پ پ گپچاڻي جو ضلعي ڪائونسل جو نامزد اميدوار انجنيئر عبدالرسول بروهي يوسي چيئرمن جو نامزد اميدوار سجاد کوکر پ پ اڳواڻ غلام حسين گپچاڻي جاويد قاسم بروهي  لا لا تاج رند ۽ ٻين يوسي جي مختلف ڳوٺن جا دورا ڪيا جڏهن تہ ڳوٺ علي بخش کوکر ۾ مسلم ليگ ف  گپچاڻي جو جنرل سيڪريٽري ۽ وارڊ 1 جو نامزد اميدوار اسرار کوکر آزاد اميدوار گل رحمان  کوکر پ پ اميدوار طاهر ڳاهو جي حق ۾ هٿ کڻي ويا جڏهن تہ عبدالرحمان کوکر اسرار کوکرعبدالڪريم کوکر گل رحمان کوکرفوجي انور کوکر پنهنجي برادري سميت مسلم ليگ ف کي الوداع ڪري پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي  ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ تعلقي دوڙ جي صدر انجنيئر عبدالرسول بروهي چيو تہ پ پ ۾ شامل ٿيندڙ ساٿين کي ڀليڪار چوان ٿو هنن اسان تي اعتماد ڪيو آھي.  ۽ ڪوشش ڪندس تہ سندس اميدن تي پورو لهان هن چيو تہ پ پ مظلوم ۽ پورهيتن جي پارٽي آھي پ پ  هميشه ماڻھن جي مسئلن کي اهميت ڏني آھي ۽ سندن مسئلن کي اولين بنيادن تي حل ڪرايو آھي پ پ اميدوارن کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪندا.

  • قمبر  ۾ آزاد اميدوار پ پ اميدوار جي حق ۾ هٿ کڻي ويو

قمبر (ت ر) قمبر جي يونين ڪائونسل رائونتي جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو آزاد اميدوار گل حسن مگسي پ پ اميدوار جي حق ۾ هٿ  کڻي ويو. پ پ ايم پي اي برهان چانڊيو ڳوٺ ڪوٽ غلام شاهه پهچي پ پ جي ڊسٽرڪٽ ڪائونسل اميدوار عتيق شاھ جي حق ۾ گل حسن مگسي کي هٿ کڻائي ڇڏيو .ان موقعي تي برهان چانڊيو چيو ته اسان جو فرض آهي ته پيپلز پارٽي جي اميدوارن ۽ ووٽرن ۾ ٿيندڙ اختلافن کي ختم ڪري سڀني سان گڏجي هلڻ لاءِ راھ هموار ڪريون، گل حسن مگسي جي شڪايتن جو جلد ازالو ڪري غلط فهميون ختم ڪيون وينديون.

  • گل محمد جکراڻي ضلعي ڪائونسل ميمبر طور بنا مقابلي ڪامياب

ڪشمور(ت ر) ڪشمور ۾ مڪاني چونڊ سرگرميون زور شور سان جاري آهن،ڪشمور تعلقي جي مختلف ھنڌن تي سياسي پارٽين پاران  ھڪ ٻئي سامھون بيٺل اميدوارن جي حمايت حاصل ڪندي بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ جو سلسلو شروع جاري آهي. ان سلسلي ۾ اڳوڻو ايم اين اي ۽ پ پ ڪشمور جو ضلعي صدر گل محمد جکراڻي يوسي سوڍي تي ضلعي ڪائونسل ميمبر طور بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو.مقابلي ۾ سامھون بيٺل پي ٽي آءِ جو شاهه علي ڊومڪي ۽ اصغر چاچڙ ھٿ کڻي ويا.

  • مڪاني چونڊن ۾جي يو آءِ سمورن تڪن تي پنهنجا اميدوار بيهاريا آهن:مولاناصالح انڍڙ

سکر(رپورٽر) جي يو آءِ ضلعي سکر جي سيڪريٽري  جنرل مولانا محمد صالح انڍر، سٽي سر جي امير مفتي سعود افضل هاليجوي چيو آهي ته بلدياتي چونڊن ۾ جي يو آءِ تمام يوسين، ٽائون، تعلقن مان پنهنجا اميدوار بيهاريا آهن، انشاءَ الله مخالفن مايوسي کانسواءِ ڪجھ به نه ملندو، هنن چيو ته پ پ سميت تمام سياسي جماعتن سان ڪانٽي دار مقابلو ٿيڻ جو انديشو آهي، پر جي يو آءِ اميدوار عوامي طاقت سان ڀرپور ڪاميابي حاصل ڪندا، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي حڪومت عوام کي پريشاني، مهانگائي، بي روزگاري کانسواءِ ڪجھ نه ڏنو پ پ 14 سالن دوران سنڌ کي تباهه ڪيو، افسوس ته سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت هجڻ باوجود سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي به نٿو ملي، هنن چيو ته جي يو آءِ هميشه عوام جي ڳالهه ڪئي آهي، ان موقعي تي حافظ عبدالحميد مهر، قاري محمد فاروق شيخ سميت ٻيا عالم سڳورا پڻ موجود هئا.

  • اڏيري لعل وليج جي چيئرمين لاءِ سيد اسفند يار شاهه نامزد

اڏيرولعل وليج (ن ع آ)يوسي اڏيري لعل وليج تي پي پي پاران چيئرمين لاءِ سيد اسفند يار شاھ وائيس چئيرمين لاءِ راشد راجپوت ضلعي  ڪائونسل جي ميمبر لاءِ سيد سردار علي شاھ کي ايم پي اي مخدوم رفيق الزمان پاران پارٽي ٽڪيٽ تي حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو يوسي جي ڳوٺن ۾ پارٽي ٽڪيٽ جي خبر پوڻ تي سرهائي جي لهر ڇائجي ويئي سيد اسفند يار شاھ ۽ ٻين پاران ايم پي اي مخدوم رفيق الزمان جي هن فيصلي جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته مخالف هاڻ پاڻ بيهڻ بدران متبادل ماڻهون پيا ڳولين پر ڪو به اميدوار هنن جي جاءِ تي بيهڻ لاءِ تيار ناهي انشاالله سان ڪامياب ٿي ڪري يوسي جي عوام جي ڀرپور خدمت ڪنداسين ۽ پنهنجي علائقي جا مسئلا حل ڪرائي علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائينداسين.

  • رائونتي جي نوجوانن جو اتحاد جوڙي چونڊ وڙهڻ جو فيصلو

رائونتي/اوٻاوڙو (نمائندا) رائونتي پيپلز پارٽي کان ڌار ٿي نوجوانن پاران هڪ اتحاد جوڙي جميعت علماءِ اسلام جي پينل تي  يوسي وستي جيوڻ شاهه 55  تي هڪ الڳ نوجوان اتحاد جوڙي ڳوٺ ڄام خان سميجو ۾ هڪ وڏي تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي يوسي جي ماڻهن پاران وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جميعت علماءِ اسلام  جي پينل تي يوسي وستي جيوڻ شاهه 55 تي نامزد ٿيل اميدوار يوسي چيئرمين اعجاز علي سميجو ۽ وائس چيئرمين رانجهو ڪوري ۽ ڪائونسلر غلام رسول چانڊيو ڊسٽرڪٽ ميمبر عبدالسلام پاران چونڊيو ويو آهي جيڪو هڪ مضبوط پينل آڻڻ تي ڳوٺاڻن ۽ نوجوانن ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي ته جتي اڳواڻن عبدالحفيظ سميجو اعجاز علي سميجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي ڪيتري عرصي کان هتان يوسي وستي جيوڻ شاه تي قابض آهي پر يوسي جي ماڻهن کي هميشه لٽيو آهي هتان جا ماڻهون روڊ رستا بجلي گئس اسڪول ۽ ڪيترن ئي سهولتن کان محروم آهن هتان جي عوام کان اليڪشن ويجهو ايندي ئي خالي دلاسا ڏئي ووٽ وٺي وڃڻ  کان پو۽ پنهنجي بنگلن  تائين هوندا آهن هاڻي هڪ اسين نوجوان اتحاد جوڙيو آهي جيڪو پنهجي يوسي وستي جيوڻ شاه  55 تي اسان پنهنجو پينل ڪامياب آندو ويو آهي هتان جي ماڻهن جي خدمت جاري رکندا سين پيپلز پارٽي جي وڏيرن کان آزادي ڏيارينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.