خيرپور ۾ ڀاڙا وڌائڻ تي مسافرن ۽ ڪلينر ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا زخمي

خيرپور( ڊ ر)وفاقي حڪومت طرفان پيٽرول جا اگھ وڌائڻ سبب خيرپور جي ٽرانسپوٽرن هڪ قدم ڪرائي جي اگھن ۾ 40 فيصد  واڌ ڪري ڇڏي جنهن سبب جمعي جي ڏينهن تي ٽرانسپوٽرن ۽ مسافرن ۾ جھيڙا جڳڙا منهن ماريون سڄو ڏينهن  معمول بڻيل رهيا ويگن جي ڪلينڊڙ ۽ مسافرن جي وچ ۾ ڪرائي جي معمولي ڳالھ تان ڪلينڊر ۽ 3 مسافر رتورت ٿي ويا ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سکر کان نواب شاھ هڪ مسافر ويگن TF-112 وڃي رهي هئي ته ڪوٽ بنگلو ٽڪري اسٽاپ وٽ هڪ عورت سميت 3 ماڻهون سوار ٿي  نواب شاھ وڃي رهيا هئا ته ڪرائو وڌيڪ گھرڻ تان ڪلينڊرحمز علي خاصخيلي ۽ مسافر احمد علي وچ ۾ منهن ماري ۽ هاٿاپائي ٿي وئي جنهن وران ڪلينڊر لوهو سريو هڻي مسافر احمد علي سندس ڀاءُ نزاڪت علي ۽ نثار احمد جوڳي کي لوهو سريو هڻي ڪڍيو جيڪي رتورت ٿي ويا جوابي ڪاروائي ۾ مسافر احمد علي به پٿر هڻي ڪلينڊر همز علي خاصخيلي کي زخمي ڪري وڌيو 1 ڪلاڪ بعد حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جھيڙيندڙ ڌرين ۽ زخمين کي مقامي اسپتال پهچايو جتي کين فرسٽ ايڊ ڏئي روانو ڪيو ويو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.