ڪنب لڳ فصل جي ڀيل تان جهيڙو، 3 ڄڻا زخمي، ٿاڻي آڏو احتجاج

ڪنب (ن ع آ) ڪنب لڳ جهنڊاشاخ ڀرسان ڪمند جي فصل جي ڀيل تان شر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جهيڙي ۾ لٺيون ڪهاڙيون  لڳڻ ڪري هڪ ڌر جا ٽي ڄڻا شفيق شر ضمير شر عمران شر زخمي ٿي پيا۔ جن کي ڪنب ٿاڻي تان ليٽر ڏئي تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي روانو ڪيو ويو جڏهن ته  زخمين شفيق شر عمران شر سعيد اقبال گلبهار ۽ ٻين ڪنب ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته جهنڊا شاخ ڀرسان اسانجي زمين مقاطعي  تي ورتل آھي۔ جتي اسان فصل ۾ پاڻي ڇڏڻ لاء وياسين ته  ڪمند جي فصل ۾ ڀيل کان روڪڻ تي  علي حسن ۽ نصير شر ڌر جي ماڻھن حملو ڪري لٺيون ڪهاڙيون هڻي اسانجي ٽن ڄڻن کي زخمي ڪيو آھي۔هنن ايس ايس پي خيرپور کان نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو۔جڏهن ته جهيڙي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.