خيرپور( ڊ ر)بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مل ڪالوني خيرپور ۾ پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري آپگھات ڪري 6 ڪلاس جي شاگر شاھ زين پٺاڻ جي جنازي نماز مل ڪالوني جي گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شاھزين پٺاڻ پنهنجي گھر مان پسٽل کڻي ٽڪ ٽاڪ جي ويڊيو ٺاهي رهيو هيو ته پسٽل ۾ گولي پيل هئي ۽ ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ دوران پسٽل جو فائر ٿي ويو جيڪو کيس لڳي ويو ۽ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو هوڏانهن علائقي ۾ اهي . به افوا هيا ته شاهزين پٺاڻ پاڻ مٿان پسٽل جو فائرڪري آپگھات ڪيو آهي.
-
شاهپورچاڪر لڳ باهه، 3 گهر سڙي رک
شاھپورچاڪر (ن ع آ) شاھپورچاڪر ڀرسان ڳوٺ وزيرآباد ۾ ھارپو ڪندڙ پورهيتن مورخاصخيلي، عبدالله خاصخيلي ۽ صفدرخاصخيلي جي گھرن کي باھ وڪوڙي وئي جنھن ڪري گھرن ۾ پيل ڪڻڪ ،ڪپڙا،کٽون ھنڌ بسترا ٻيو سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو.