ملير ۾ بدامني، ڏوهارين جو راڄ، 20 لکن جي چوري، 36 لک رپيا ڦر، ڌرڻو

ملير (ڊ ر) ملير جي علائقي بن قاسم ٿاڻي حد ۾ ڏوهارين جو آزار چوريون ڦرون ڌاڙا  روز جو معمول بڻجي ويو، هڪ ئي هفتي ۾ ٻه وڏيون وارداتون خان ڪميونيڪيشن تان تالا ٽوڙي چور 20 لک روپين کان وڌيڪ روڪ رقم موبائل فون ۽ ٻيو سامان ٻهاري فرار ٿي ويا، جڏهن ته هٿيارن جي زور تي ڦورو فيضان موٽرز تان 36 لک روپيه روڪ رقم ڦري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب، پپري واسي واپاري برادري جي ڪار ڊيلرز ايسوسيئيشن اڳواڻ رضوان خان، پيپلز پارٽي اڳواڻ وسيم شاهه مشواني، جميعت علماء اسلام جو اڳواڻ اڪرم شاهه شيرازي، شيرو بنگش، مالڪ محمد رحمان خان، بانود خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بن قاسم پوليس خلاف ملير پريس ڪلب ڪراچي آڏو نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته بن قاسم پوليس ڏوهن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، عوام جو جان ۽ مال محفوظ ناهي رهيو، بن قاسم جي مختلف علائقن ۾ ڏوهارين جو راڄ قائم آهي پوليس علائقي ۾ امن امان ڪرائڻ تي مڪمل طور تي ناڪام ويو آهي، خان ڪميونيڪيشن تان ٿيل واردات کي هڪ هفتي کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي مگر هن مهل تائين پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ٻوٽو ٻاري نه سگهي آهي، هنن چيو ته ٻه ڏينهن اڳ فيضان موٽرز تان سرعام ڦورو 36 لک روپيه ڪيش ڦري فرار ٿي ويا آهن مگر پوليس جوابدار گرفتار ناهي ڪري سگهي، هنن چيو ته علائقي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي جنهن ڪري ماڻهو خوف جي صورتحال ۾ ورتل آهن، هنن چيو ته ڦر ٿيل روڪ رقم ۽ چوري ٿيل سامان واپس نه مليو ته ٻيهر به نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي سگهجي ٿو، اسان آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجزز، ايس ايس پي ملير سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيون ٿا ته بن قاسم ۾ ڏوهارين خلاف سخت ايڪشن کڻي ڪاروائي ڪري علائقي ۾ امن امان بحال ڪرايو وڃي، ٻئي طرف ايس ايڇ او بن قاسم محمد امين کوسو ملير پريس ڪلب ڪراچي آڏو ڌرڻي واري هنڌ پهچي بن قاسم جي واپاري برادري سان ڳالهيون ڪري يقين ڏياريو ته جلد ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويندو چوري ۽ ڦر ٿيل رقم ۽ سامان واپس ڪرائڻ جي خاطري بعد مظاهرين ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.