قرض جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل عورت جو انوکو ڪم، قانون حرڪت ۾ اچي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ عورت قرض لاهڻ لاءِ اهڙو ڪم ڪيو جو پوليس به حرڪت ۾ اچي وئي.

دهلي ويجهو مهر ولي علائقي سان واسطو رکندڙ عورت جي گهر وارن پوليس کي شڪايت ڪئي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي ۽ اغوا ڪندڙ ڀتو گهري رهيا آهن. گهروارن اهو به ٻڌايو ته اغوا ڪرڻ لاءِ مغوي عورت جو موبائل فون استعمال ڪيو پيو وڃي.

پوليس فوري ايڪشن وٺندي فون ٽريس ڪئي ته اها رياست اتر پرديش جي شهر آگرا جي هڪ هوٽل ۾ ملي.

پوليس پهتي ته ڏٺو ته عورت اڪيلي ڪمري ۾ ترسيل هئي.

پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو ۽ پڇا ڳاڇا دوران عورت انڪشاف ڪيو ته هو قرضي بڻجي وئيهئي جيڪو قرض لاهڻ لاءِ هن اغوا جو ڊرامو ڪيو.

پوليس عورت خلاف ڀتي خوري جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.