عمران خان جو هڪڙو شرط آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته عمران خان ڳالهين لاءِ تيار آهي پر سندس هڪڙو شرط آهي.

هن چيو ته عمران خان جو شرط آهي ته چونڊن جي تاريخ ڏني وڃي، اليڪشن جي تاريخ جي اعلان تائين ڊيڊ لاڪ برقرار رهندو.

نجي ٽي وي جي پروگرام ڳالهائيندي هن چيو ته ماڻهو جذباتي هئا، ڪجهه ماڻهو اڃان به اتي ويٺا آهن.

سندس چوڻ هو ته لانگ مارچ دوران پنج ڄڻا شهيد ٿيا، اڳوڻو وزيراعظم عمران خان پنهنجي جاءِ تي ڄمي بيٺل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.