پوڙهي چوڻ تي ڪرينا ڪپور تپي باهه ٿي وئي !

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڪرينا ڪپور جي عمر ته 41 سال آهي ۽ سندس ٻه ٻار به آهن پر هو اڃان تائين فٽ آهي ۽ ايتري وڏي عمر جي نٿي لڳي.

بالي ووڊ جي ويب سائيٽ موجب اداڪارا کي سوشل ميڊيا تي ماڻهن پوڙهي يا پيرسن چيو ۽ ان کان اڳ به سندس ٽرولنگ ڪندا رهندا آهن.

هاڻي ائين لڳي ٿو ته هن سوشل ميڊيا جي ٽرولنگ جو مقابلو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ هن اهڙن ماڻهن کي نسانو بڻايو جيڪي کيس پوڙهي چوندا اهن.

ڪرينا ان لفظ جو اسڪرين شاٽ وٺي لکيو ته مان تبصرن ۾ ڏسندي رهندي آهيان هي لفظ گهڻو هوندو آهي.

هن لکيو ته پوڙهي چوڻ جو مطلب توهين ڪرڻ آهي؟ منهنجي لاءِ اهو رڳو هڪ لفظ آهي جنهن جو مطلب وڏي عمر جو هجڻ آهي، ها منهنجي عمر وڌيڪ آهي ۽ اسان سمجهدار آهيون پر اوهان بي نام آهيو، اوهان جو ڪو چهرو ناهي ۽ نه ئي عمر آهي، اوهان اهڙا ماڻهو آهيو.

ياد رهي ته اداڪارا جي عمر تي ڪيترائي ڀيرا ڳالهايو ويو پر هن ڀيري هن ڀرپور جواب ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.