ميهڙ : نئين آيل ججن فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ۽ سينئر سول جج جي مان ۾ آجياڻو

ميهڙ : نئين آيل ججن فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج  ۽ سينئر سول جج جي  مان ۾  آجياڻو

ميهڙ ۾ نئين آيل ججن فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج سهيل پرويز قريشي ۽ سينئر سول جج سيد مهدي شاه جي مان ۾ ميهڙ بار  پاران آجياڻو ڏنو ويو جتي ميهڙ بار جي صدر ايڊووڪيٽ عبدالحليم ٻگهيو، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ سعيد پنهور پاران نئين آيل جج صاحبان کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا

آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي وڪيل عبدالحليم ٻگهيو ۔ وڪيل سعيد احمد پنهور ۽ ٻين چيو ته بار ۽ بئنچ جي گڏيل تعاون سان انصاف جي حاصلات آسان ٿي رهي آھي

بار ۽ بئنچ چاهي ٿي ته ماڻھن کي سولو ۽ تڪڙو انصاف فراهم ٿئي  انصاف تي ٻڌل معاشري ۾ اسان سڀني جي بهتري آھي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.