فرح خان جو ڪاروبار ڏسندڙ 4 ڄڻا 30 مئي تي نيب طلب

لاهور (م ڊ) نيب لاهور فرح خان جو ڪاروبار ڏسندڙ 4 ڄڻن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. نوٽيس مظاهر بيگ، وقار، آصف ۽ منير کي جاري ڪيا ويا آهن، چئني ڄڻن کي 30 مئي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. نوٽيس  ۾ چيو ويو آهي ته انڪوائري ۾ خبر پئي آهي ته توهان وٽ جوابدار فرح خان بابت ثبوت ۽ رڪارڊ موجود آهي. فرح خان طرفان ڪيل ڏوهن جي ثبوتن ۽ رڪارڊ سان گڏ پيش ٿيو. نوٽيس ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب لاهور بينش نعمان جي صحيحن سان جاري ڪيا ويا آهن. نوٽيس ۾ چئني ڄڻن کي ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب لاهور عديل احمد سامهون پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.