سنڌ ۾ مڪاني چونڊون شيڊيول موجب ٿينديون، 10 جون تائين اعتراض ختم ڪرڻ جي هدايت

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنڇ پاران مڪاني چونڊن جي حوالي سان حلقه بندين خلاف داخل 38 کان وڌيڪ درخواستن تي عدالت 5 ڪلاڪن کانپوءِ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. سنڌ ۾  مڪاني چونڊون شيڊول موجب ٿينديون. عدالت، اليڪشن ڪميشن کي 10 جون تائين سمورا اعتراض ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.  سنڌ ۾  مڪاني چونڊن جي حوالي سان تڪ بندين خلاف داخل 38 کان وڌيڪ درخواستن جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس محمد جنيد غفار ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگي تي مشتمل ٻه رڪني بئنچ جي عدالت ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل پاران جواب داخل نه ڪرائڻ تي عدالت پاران سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي جسٽس جنيد غفار رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان عدالت کي مذاق بڻائي رکيو آهي، ڇا اوهان عدالت کي پنهنجي آفيس سمجهو ٿا؟ جو بار بار مداخلت ڪري عدالت جو وقت ضايع ڪري رهيا آهيو، جسٽس پاران رمارڪس دوران ئي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ي روسٽرم تان ئي هٽائي چيو، ٻي پاسي سنڌ حڪومت پاران اسٽنٽ ايڊوڪيٽ جنرل علي رضا بلوچ پيش ٿي عدالت کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن جون کوڙ ساريون غلطيون آهن، اڃا تائين ته هزارين درخواستون پيل آهن، جنهن مان ڪجھ ماڻهو ئي عدالت پهچي سگهيا آهن. عدالت اسٽنٽ ايڊوڪيٽ جنرل جي دليل کانپوءِ فيصلو 5 ڪلاڪن تائين محفوظ ڪيو جنهن کانپوءِ عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون شيڊول موجب ٿيندي. اليڪشن ڪميشن کي 10 جون تائين سمورا اعتراض ختم ڪري. واضع رهي ته عدالت پاران گذريل ٻڌڻي تي اليڪشن ڪميشن کي اعتراضن تي هر صورت ۾ جواب پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.