لاڙڪاڻي لڳ مخبري شڪ تان رت جي رشتن ۾ نفاق، 4 جانيون قتل

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪچي واري علائقي ۾ حمزاڻي جتوئي جي ٻن ڌرين ۾ خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو. مخبري جي ڳالهه تان چاچن ۽ ڀائيٽن جي فائرنگ ۾ ٽن ورهين جي  معصوم ٻار ۽ زال مڙس سميت چار ڄڻا قتل ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪچي واري علائقي گهر پنهنجا ۾ حمزاڻي جتوئي جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي دشمني ۽ مخبري ڪرڻ واري ڳالهه تان چاچن ۽ ڀائيٽن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو جتي ٻنهي ڌرين هڪٻئي مٿان ڇتي فائرنگ ڪري ڏني نتيجي ۾ نوجوان امتياز پٽ محمد نواز جتوئي سندس چاچو امين پٽ محمد اعظم جتوئي ۽ 3 ورهين جو معصوم ٻارڙو احسان پٽ محمد اعظم تڏي تي قتل ٿي پيا جڏهن ته هڪ عورت سهڻي زال امين جتوئي، محمد عظيم جتوئي ۽ مقتول امتياز جتوئي جي ڀاءُ حنيف سميت سميت پنج ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، فائرنگ سبب سبب علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو ۽ مردن، عورتن توڙي ٻارڙن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا، واقعي بعد خيرپور ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي پوليس طرفان حددبندي جي تڪرار سبب ڪيترائي ڪلاڪ معصوم ٻار سميت مقتولن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيا بعد ۾ پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي پوليس پهچي مقتولن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو. مقتولن جي وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته مقتول محمد نواز جي پٽ امتياز پنهنجن چاچن مٿان پيءُ کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳائيندي پنهنجي حنيف، جاويد، مختيار، حبيب، ڏنو، آصف، قربان سميت 8 ڄڻن سان گڏجي فائرنگ ڪري ڏني نتيجي ۾ محمد امين جتوئي، معصوم ٻارڙو احسان، عورت سهڻي خاتون سميت احسان پاڻ مارجي ويو آهي. هنن چيو ته امتياز وارن اسان جي زرعي زمين ۽ ملڪيتن تي قبضو ڪيو هو جنهن ڪري اسين ڪجهه وقت اڳ لڏي درياهه جي هن پار پنهنجا گهر اڏي رهائش اختيار ڪري پنهنجي ٻچڙن سان زندگي گذاري رهيا هئاسين پر ظالمن اتي به اچي اسان جي گهر ڀاتين مٿان فائرنگ ڪري انهن کي موت جي ننڊ سمهاري ظلم ڪيو آهي.  هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته واقعي پٺيان لڪيل هٿن کي ظاهر ڪري واقعي جو ڪيس داخل ڪري مقتول وارثن جي خون سان انصاف ڪيو وڃي. .03

  • نواز جتوئي جي قتل بعد سندس پٽ چاچن تي مخبري جو الزام لڳايو

لاڙڪاڻو: واقعي بابت جتوئي برادري جي هڪ معزز پنهنجو نالو نه ٻڌائڻ جي شرط تي ٻڌايو ته مقتول امتياز جتوئي پنهنجي پيءُ محمد نواز جتوئي جي قتل بعد پنهنجي چاچي محمد امين جتوئي مٿان مخبري  جو الزام لڳائيندي درياهه پار وڃي پنهنجي چاچن جي گهرن تي فائرنگ ڪري جتي ٻنهي ڌرين جي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ واقعو پيش آيو آهي.

  • واقعو ڳوٺ حمزو جتوئي ۾ پيش آيو، جيڪو لاڙڪاڻي ۾ آهي: ڦلو پوليس

لاڙڪاڻو: رابطي ڪرڻ تي ڦلو ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو اسان جي ٿاڻي جي حد نه پر پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي حد ڳوٺ حمزو جتوئي ۾ پيش آيو آهي  جيڪو ڳوٺ لاڙڪاڻي ضلعي جو آهي نه ڪي خيرپور ضلعي جو تنهن ڪري واقعي بابت وڌيڪ عاقل ٿاڻي جي پوليس وڌيڪ ٻڌائي سگهي ٿي. 03

  • خيرپور ضلعي جي ڦلو ٿاڻي جي حد درياهه پار واقعو ٿيو:  عاقل پوليس

لاڙڪاڻو: واقعي بابت پير شير ايٽ عاقل ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو خيرپور ضلعي جي ڦلو ٿاڻي جي حد درياهه پار ويٺل ڪچي جي علائقي گهر پنهنجا ۾ پيش آيو آهي جتي ويٺل ڳوٺاڻا ڪجهه وقت  اڳ لڏي اتي آباد ٿيا اڄ چاچن ۽ ڀائيٽن وچ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ڳوٺ حمزو جتوئي واسي امتياز پٽ محمد نواز جتوئي، محمد امين پٽ محمد اعظم جتوئي، احسان پٽ محمد اعظم جتوئي قتل ٿيا آهن. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويل امتياز ۽ امين جتوئي مٿان عاقل ٿاڻي تي قتل، چوري سميت 5 کان وڌيڪ سنگين نوعيت جا ڪيس داخل پڻ آهن.

  • ڏيڍ مهينو اڳ نواز جتوئي  جي قتل تان تڪرار

لاڙڪاڻو: ڏيڍ مهينو اڳ محمد نواز جتوئي لاڙڪاڻو سينٽرل جيل مان قيد ڪاٽي آزاد ٿيو هو جيڪو 2 اپريل جي ڏينهن پنهنجي گهر واري  زينت سان گڏجي لاڙڪاڻي شهر آيو ته بندر روڊ تي هٿياربندن کيس قتل ڪري ڇڏيو جنهن واقعي جو ڪيس حد جي مارڪيٽ ٿاڻي تي داخل ٿيو جنهن کان پوءِ ڌرين ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ واقعو پيش آيو آهي. 03

  • مقتولن جي وارثن ۾ خوف، تدفين لاءِ پوليس گهري ورتي

لاڙڪاڻو: چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ مقتولن جي وارث عورتن ميڊيا سان ڳالهائيندي دانهيو ته معصوم ٻار، عورت سميت  چئن ڄڻن جي قتل بعد وڌيڪ جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي تنهن ڪري پوسٽ مارٽم بعد لاش حوالي ڪري پوليس جي نفري ڏني وڃي جيئن اسين پنهنجي پيارن جا لاش دفنائي ڇڏيون جيڪڏهن پوليس سيڪيورٽي نه ڏني ته وڌيڪ جانيون ضايع ٿينديون. هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، سکر، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ خيرپور کي اپيل ڪئي ته تحفظ فراهم ڪري قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.