اسٽيبلشمينٽ اتحادي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيندي !

اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز ) اسلام آباد ۾ عمران خان جي ڌرڻي واري صورتحال جو تجزيو ڪندي سينيئر تجزيي نگار نجم سيٺي چيو آهي ته محسو س ٿي رهيو آهي ته  اسٽيبلشمينٽ آءِ ايم ايف جي پروگرام تي  موجوده حڪومت کان صحيج ڪرائي سخت فيصلا ڪرائي مهانگائي جو طوق حڪومت جي ڳچي ۾ وجهي  پوءِ گهر ڀيڙو ڪري نگران حڪومت جوڙي ويندي  ان سان وڏو نقصان ( ن) ليگ کي ٿيندو ۽ گهڻو تڻو فائدو آصف علي زرداري کي ٿيندو، . بهتر اهو آهي موجوده اتحادي حڪومت  پاڻ اقتدار ڇڏي چونڊن ۾ هلي وڃي  ان سان سندن ساک بچي ويندي،  سينيئر تجزيي نگار نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته ادارا اڄ به عمران خان سان گڏ بيٺل نظر اچي رهيا آهن ڇوته هو عمران خان کي پنهنجو اثاثو سمجهي سانڍي رکڻ چاهين ٿا، رهيو سوال ته چونڊن ۾ ڪابه هڪ پارٽي اڪثريت حاصل نه ڪري سگهندي، مستقبل ۾ به اتحادي حڪومت ئي قائم ٿيندي پر عمران خان هاڻي ڪڏهن به وزيراعظم نه ٿي سگهندو، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي تي اڃان تائين  اسٽيبلشمينٽ  جو مڪمل اعتماد نه آهي  ان ڪري پريشر گروپ طور پي ٽي آءِ کي اسٽيبلشمينٽ سنڀالي رکڻ چاهي ٿي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.