ڪراچي : جناح اسپتال هڪ ڀيرو ٻيهر جنگ جو ميدان بڻجي وئي

جناح اسپتال ۾ موجود ٻن تنظيمن پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ اسلامي جمعيت طلبا جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو

فائرنگ سبب 19 شاگرد ۽ هڪ جناح  اسپتال جو ملازم پڻ زخمي ٿي پيو جڏهن ته  اسپتال ۾ داخل مريضن ۾ خوف هراس چائجي ويو.  پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ اسلامي جمعيت طلبا ۾ بيچ لڳائڻ تي جهيڙو شروع ٿيو. ذريعن ٻڌايو ته شاگردن پنهنجي تنظيم جي بيچ لڳايو هئو ته جنهن تي شاگردن  هڪ ٻي تي حملو ڪيو ذريعن وڌيڪ چيو ته ٻنهي تنظيمن   جا ڪارڪن  ڪاليج آف فزيو ٿراپي ۽ پيرا ميڊيڪل اسڪول  جا شاگرد آهن.  ان ڏس ۾  ڊائريڪٽر جناح اسپتال ڊاڪٽر شاهد رسول چيو ته   ٻنهي تنظيمن جي ڪارڪنن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي  ۽ اسپتال ۾ خراب ماحول برداشت نه ڪنداسين

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.