وفاقي حڪومت جو خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير خلاف ڪارروائي جو فيصلو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۾ شرڪت تي خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي.

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله موجب محمود خان وفاقي تي چڙهائي ڪري عهدي جو غير آئيني استعمال ڪيو، هٿياربند پوليس آفيسرن سان گڏ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي شرڪت وفاق تي حملو آهي.

هن چيو ته محمود خان جي غير آئيني قدمن تي ان خلاف قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ قانون واري وزارت کان راءِ گهري آهي، قانون واري وزارت جي راءِ تي عمل ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.