شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾سنڌ ملٽي پل انڊيڪيٽرس سروي 2018،19 جي موضوع تي سيمينار

نوابشاھ ۾ سنڌ جي بيورو آف اسٽيٽسٽڪس کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل نامور دانشور ۽ سماجي ماھر ڊاڪٽر اسحاق انصاري پاران  شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ ھڪ روزھ سيمينار سنڌ ملٽي پل انڊيڪيٽرس سروي 2018،19 جي موضوع تي ڪوٺايو ويو صدارتي خطاب ڪندي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر امانت جلباڻي چيو تہ جيستائين سماجي ترقي لاءِ زميني حقيقتن پٽاندڙ سروي ۽ ڊيٽا جمع نٿي ڪئي وڃي معاشرو معاشي ترقي جي راھ تي گامزن نٿو ٿي سگھي ھن چيو تہ اڪيڊمين ۽ انڊسٽري  ٻئي گڏجي ڪم ڪندا تہ جٽادار پاليسي جوڙڻ ۾ مدد ملندي ھن چيو تہ ھن وقت ڊيٽا گڏ ڪرڻ مشڪل ترين ڪم آھي پر بيورو آف اسٽيٽسٽڪس ماءُ ۽ ٻار جي موضوع تي جيڪا چار سال محنت ڪري سروي ڪئي آھي ۽ انھي سروي ۾ جيڪي گھڻ طرفہ اشارا سماھون آيا آھن انھن جي روشني ۾ پاليسي جوڙي اسان ملڪ کي ترقي وٺرائي سگھون ٿا انھي موقعي تي ڪمشنر شھيد بينظير آباد رشيد احمد زرداري چيو تہ حقيقت ۾ بيورو آف اسٽيٽسٽڪس سنڌ سرڪار جو ھڪ نظر انداز ٿيل کاتو آھي پر ھن کاتي جو ڪم سمورن سرڪاري کاتن کان وڌيڪ اھم ۽ اثرائتو آھي ڇاڪاڻ تہ ڪنھن بہ پاليسي جوڙڻ لاءِ ڊيٽا جو ھجڻ ضروري آھي ۽ ھن کاتي جيڪي 171 انڊيڪيٽرس ڄاڻايا آھن انھن تي سنڌ حڪومت کي ۽ ضلعي انتظاميہ کي نظر ۾ رکي پاليسي جوڙڻ گھرجي ھن چيو تہ ملڪ ۾ غربت جي حالت انتھائي تشويشناڪ آھي اڪثريت آبادي غربت جي لڪير کان بہ ھيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آھي اسان وٽ وسيلا گھٽ آھن ۽ ٽاڪس وڏا ڏنا وڃن ٿا جيئن ھن وقت بلدياتي چونڊون آھن ان کانپوءِ عام چونڊون ٿينديون جنھن کانپوءِ آدمشاري جھڙو ٽاڪس حل ڪرڻو آھي ھن چيو تہ جيڪڏھن سول سوسائٽي انتظاميہ ۽ اين جي اوز وارا گڏجي ڪم ڪن تہ بھتر نتيجا حاصل ڪري سگھجن ٿا انھي موقعي تي بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سروي خادم جعفري، 2014 کان 2018،19 تائين ڪيل سروي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني تقريب ۾ يونيورسٽي جي پروفيسرن، اسڪالرن، تعليم دانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.