ڪراچي: ريحان فائونڊيشن پاران آن لائن بزنس جي حوالي سان آگاهي ڏني وئي

ڪراچي: ڪراچي ۾ ريحان فائونڊيشن پاران آن لائن بزنس جي حوالي سان پريس ڪانفرنس ذريعي ماڻهن کي آگاهي ڏني وئي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊينس يو، شاهه رخ ڪاروباروالا، محسن مفتي، عبدالرحمان، عبدالله الله والا، يوسف الله والا، ساجد شريف ۽ محمد عارف چيو ته ريحان فائونڊيشن جي باني ريحان الله والا جو مقصد هر پاڪستاني کي هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک رپيا ڪمائڻ ۾ مدد ڪرڻ آهي.

هنن چيو ته ريحان فائونڊيشن هڪ ملين پاڪستانين کي ڊجيٽل صلاحيتن جهڙوڪ  SEO، ڊجيٽل مارڪيٽنگ، وڊيو ايڊيٽنگ، گرافڪس ڊيزائننگ ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمن ذريعي هر مهيني تقريبن $1000 ڪمائڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ هي پريس ڪانفرنس ڪئي آهي.

سندن چوڻ هو ته ريحان فائونڊيشن آمريڪا مان ايس اي او گرو ڊينس يو کي پڻ دعوت ڏني ته جيئن پاڪستان جي ماڻهن کي هر مهيني 1000 ڊالر ڪمائڻ جي هدايت ڪري.

ريحان فائونڊيشن جي سي اي او شاهه رخ ڪارباروالا پڻ پنهنجي سوشل ميڊيا انڪيوبيٽر ۽ ملين ڪوڊرز جي نون پروجيڪٽن بابت ڳالهايو، هن يوٽيوب ۽ پائٿن مان هر مهيني 100000 رپيا ڪمائڻ جي سکيا ڏيڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي.

هنن چيو ته ريحان فائونڊيشن پاڪستان ۾ پهريون فزيڪل سوشل ميڊيا انڪيوبيٽر پڻ ٺاهيو آهي، جيڪو شهيد ملت روڊ ڪراچي ۾ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.