ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪوئين ديپيڪا پڙوڪون کي ڪانز فلم فيسٽيول جي ريڊ ڪارپيٽ تي ڏاڪڻ چڙهندي ڏکيائي کي منهن ڏسڻو پيو.
مشهور اداڪارا نارنگي رنگ واري لباس ۾ ريڊ ڪارپيٽ تي آئي ته ٿاٻرجي پئي.
اداڪارا پاڻ کي سنڀاليندي ڏاڪڻ تائين پهتي ته لباس سندس پيرن هيٺان اچي ويو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر ٿاٻڙجي ڪرڻ کان بچي وئي.
ٻئي پاسي هن فوٽو شوٽ لاءِ به هڪ عجيب لباس جي چونڊ ڪئي آهي جنهن کي سوشل ميڊيا تي ٽرول ڪيو پيو وڃي.