حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 30 رپيا في ليٽر واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 30 رپيا في ليٽر واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پريس ڪانفرنس ڪندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ڏکيو فيصلو هو ته اسان عوام تي بار وجهون ۽ وجهون ته ڪيترو وجهون، مان اڳ کان چئي رهيو هيس ته عوام تي ڪجهه نه ڪجهه بار وجهڻ اڻٽر آهي، ڇو ته حڪومت کي نقصان ٿي رهيو آهي.

هن چيو ته هن مهيني جي پهرين 15 ڏينهن ۾ 55 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، هيءَ حڪومت برداشت نٿي ڪري سگهي، هڪ پاسي حڪومت هلائڻ جو ماهوار خرچ 42 ارب آهي، جڏهن ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي مد ۾ سبسڊي 120 ارب رپيا آهي.

سندس چوڻ هو ته اڄ رات 12هين وڳي کانپوءِ پيٽرول، ڊيزل، ڪيروسين آئل ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 30 رپيا في ليٽر واڌ ٿيندي.

قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ في ليٽر پيٽرول 179 رپيا 86 پئسا، هڪ ليٽر ڊيزل 174 رپيا 15 پئسا ۽ لائيٽ ڊيزل آئل 148 رپيا 31 پئسا ٿي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.