تلھار گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ سالياني رزلٽ ڏيڻ واري تقريب منقعد ڪئي وئي

تلھار گورنمينٽ  پرائمري اسڪول  ۾ سالياني  رزلٽ  جاري ڪرڻ واري تقريب منقعد ڪئي وئي

تقريب ۾ ڪلاس ون کان پنجين ڪلاس جي شاگردن جي سالياني ڪارڪردگي ۽ امتحاني رزلٽ انائونسمنٽ بعد شاگردن ۾ انعام پڻ تقسيم ڪيا ويا،پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۾ ڪيش انعام ۽ شيلڊن کي پڻ تقسيم ڪيو ويو

تقريب ۾ ڊپٽي ڊي او بدين تعلقه آفيسر بدين، تعلقه آفيسر تلھار مير اڪرم ٽالپر، پ پ اڳواڻ سردار مير عبدالعزيز جمالي، پ پ ليڊيز ونگ تعلقه تلھار صدر زاھدا ڪنڀار ۽ ٻين شرڪت ڪئي تقريب ۾ استاد ڪريم ڪڇي گيت پيش ڪيا جڏھن ته شاگردن ٽيبلوز ۽ پنھجي ٽيلينٽ کي پڻ اجاگر ڪيو ان موقعي تي تقريب ۾ موجود معززين خطاب ۾ گالھائيندي چيو ته مين پرائمري اسڪول ۾ ياسين احمد ڪنڀار جو ھڪ وڏو ڪردار آھي سندن جاکوڙ ساراھ جوڳي آھي جيڪا تاريخ ۾ ساراھي ويندي ڇاڪاڻ جو ياسين ڪنڀار معصوم ٻارڙن جي اندر ۾ لڪل ٽيلنيٽ کي دنيا آڏو پيش ڪرڻ لا۽ بھتر ڪوششون ورتيون جيڪا اڄ ھر آک باخوبي سان ڏسي ساراھي رھي آھي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.