ميهڙ : ڳوٺ دلو کوکر ۾ قديمي قبرستان تي بااثرن جي قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ميهڙ ڀرسان  ڳوٺ دلو کوکر ۾ قديمي قبرستان تي بااثرن جي  قبضي  خلاف ڳوٺاڻن پاران احتجاج ڪيو ويو

ڳوٺاڻن  فقير علي حيدر  چانديو ۔شبير علي چانديو بشير علي چانديو  ۽ بين جو  چوڻ هو  ته ڳوٺ سانگي چانڊيو جا رھواسي جوابدار مظهر  چانديو ،سانگي چانديو ، غلام حسين چانديو  جيڪي بااثر آهن ھٿيار بند ساڻ ڪري  گاڏي ڪاھي جنهن اسان جي عزيزن جون 10 کان 12 قبرون مسمار ڪري ڇڏيون آھن ڳوٺانڻ پاران  پوليس کي اطلاح ڪرڻ بعد  پوليس ۽ ڳوٺاڻن جي پھچڻ سان ھٿيار بند فرار ٿي ويا ڳوٺاڻن وڌيڪ چيو ته ھي قديمي قبرستان آهي هنن ايس ايس پي دادو سيشن جج دادو کي اپيل ڪئي ته قبرستان ۾ قبضي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ اسان احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.