خانپورمهر لڳ جوابدارن لٺيون هڻي نوجوان کي زخمي ڪري چڏيو زخمي اسپتال منتقل ڪيو ويو

خانپورمهر لڳ جوابدارن لٺيون هڻي نوجوان کي زخمي ڪري  چڏيو  زخمي نوجوان  کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

واقعي جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل، جوابدار نوجوان کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي خانپورمهر لڳ يوسي لوهي جي ڳوٺ جيوڻ دڙي واسي نوجوان مجيد ولد علي بخش مهر پنهنجي زمين تي بيٺل هو ته ملڪ برادري جي 7 کان وڌيڪ ڏنڊا بردار جوابدارن کيس مبينا طور اغوا ڪري هڪ ڳوٺ جي گهٽي ۾ کڻي تشدد ڪري وڌو

کيس ڳوٺاڻن بچائي ورتو ۽ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ زخمي نوجوان اسپتال داخل ڪيو ويو  ٻن سڃاتل جوابدارن ۽ 5 نامعلوم جوابدارن خلاف ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪئي  وئي  جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.