ڪالهه ڪارو ڏينهن هو، عمران خان نئين پارٽي متعارف ڪرائي: شرجيل ميمڻ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪالهه پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن هو، عمران خان پنهنجي نئين پارٽي متعارف ڪرائي، ٽائيگرز کي ميدان ۾ لاهي دهشتگردي جو مظاهرو ڪيو ويو.

پنهنجي بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان جي ورڪرز پوليس تي حملا ڪيا، گاڏين کي باهه ڏني، عمران خان جو جهاد اقتدار لاءِ هو، پي ٽي آءِ هاڻي عوامي پارٽي ناهي رهي.

سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ چيو ته هي ريڊ زون ۾ نه وڃن پر هو اتي ويا، پي ٽي آءِ جي ڪنهن ايم پي اي تي تشدد ناهي ٿيو.

هن خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن سياسي طرز عمل تبديل نه ٿيو ته وڌيڪ نقصان ٿيندو.

ان کان اڳ شرجيل انعام ميمڻ آرٽس ڪائونسل ۾ پاڪستان ڪائونسل آف ميڊيا وومين طرفان منعقد ڪيل مباحثي ۾ شرڪت ڪئي.

مباحثي جو موضوع گهٽجندڙ سماجي قدر ۽ عورتن جو ڪردار هو جنهن تي شرجيل ميمڻ به خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ پنهنجا ويچار ونڊيا.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلزپارٽي هميشه عورتن کي اهميت ڏني آهي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام به عورتن لاءِ شروع ڪيو ويو، هن چيو ته بهتر معاشري لاءِ والدين تي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته هو پنهنجي ٻارن جي سهڻي نموني تربيت ڪن ڇو ته سڀ کان پهريان ٻار گهر ۾ ۽ اسڪول ۾ تربيت حاصل ڪندا آهن.

تقريب کي پاڪستان ڪائونسل آف ميڊيا وومين جي صدر حميرا موٽالا، سينيٽر حسيب، پي ايف يو جي صدر جي ايم جمالي، ايس ايس پي سينٽرل شهلا قريشي، نرگس علوي، شاهدا سجاد، امرا شاهد، مبشرا علوي،  شهناز رمزي،  صحافڻ منزا، بينڪر مس آرزو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

مقررن جو چوڻ هو ته معاشري ۾ سماجي قدر گهٽجڻ هڪ حساس معاملو آهي جنهن کي اسان کي پنهنجي گهر کان شروع ڪرڻ گهرجي. قانون ته موجود آهن ۽ قانونسازي ٿي به ويندي آهي پر ان تي عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.