ممبئي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي خوبصورت ترين عورت جو اعزاز حاصل ڪندڙ ڀارتي اداڪارا ايشوريا راءِ کي پهريون ڀيرو ماڊلنگ ڪندي ڪيترو معاضو مليو هو؟ ان حوالي سان سندس پراڻو ڪانٽريڪٽ سامهون اچي ويو آهي.
سوشل ميڊيا تي اڄڪلهه هڪ 30 سال پراڻي ڪانٽريڪٽ جي تصوير وائرل ٿي رهي آهي، جيڪو بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ۽ اڳوڻي مس ورلڊ ايشوريا راءِ جو آهي، جيڪو هن پنهنجي پهرين ماڊلنگ لاءِ سائن ڪيو هو.
ڪم بابت ڪيل ان معاهدي تحت ان وقت هڪ ميگزين جي فوٽو شوٽ لاءِ ايشوريا 1500 رپيا معاضو ورتو هو، جنهن تي اداڪارا جون صحيحون به موجود آهن.
Hello, Yesterday I celebrated the30th Anniversay of the Fashion Catalogue published by me. Aishwarya Rai, Sonali Bendre, Niki Aneja, Tejaswini Kolhapure were few of the models posed for this Catalogue. pic.twitter.com/jo07S2zpRp
— SGBSR Maharashtra (@Vimalnupadhyaya) May 24, 2022
ان ڪانٽريڪٽ ۾ ايشوريا راءِ جي عمر 18 سال لکيل آهي، جڏهن ته اهو ڪانٽريڪٽ سندس مس ورلڊ بڻجڻ کان به ٻه سال اڳ جو آهي.
هڪ واهپيدار ان ڪانٽريڪٽ جي تصوير شيئر ڪئي ۽ چيو ته جنهن وقت ايشوريا هڪ ڏينهن جي ڪم جو معاوضو 1500 رپيا وٺندي هئي، ان وقت مان ڄائو به نه هيس.
ٻئي واهپيدار دلچسپ تبصرو ڪندي چيو ته 1992 ۾ منهنجي پيءَ جي پگهار 8 هزار رپيا هئي ۽ 5 ٻارن سان گڏ گهر هلائڻ لاءِ ڪافي هئي پر هڪ 18 ورهين جي ڇوڪري لاءِ هڪ ڏينهن جي ايتري ڪمائي حيران ڪندڙ آهي.
هڪ ٻئي واهپيدار حيران ٿي لکيو ته توهان هڪ ڏينهن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو، منهنجو پيءُ ته ان پگهار لاءِ سڄو مهينو ڪم ڪندو هو.