اليڪٽرانڪ اجازت نامي کانسواءِ  پرڏيهين جي مڪي شريف ۾ داخلا تي پابندي

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي حڪومت اليڪٽرانڪ اجازت نامي کانسواءِ پرڏيهين جي مڪي شريف وڃڻ تي اڄ کان ايندڙ حڪم تائين پابندي لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.

سعودي جي امن عامه کاتي موجب بنا پرمٽ داخل ٿيندڙن کي سيڪيورٽي ڪنٽرول سينٽرز تي روڪيو ويندو. بنا پرمٽ جي مقدس شهر ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي هوندي.

کاتي جي ترجمان موجب اجازت نامي کانسواءِ مقدس شهر ۾ داخل ٿيڻ ڪوشش ڪندڙ پرڏيهين کي واپس ڪيو ويندو.

هن چيو ته رڳو انهن پرڏيهين کي مڪي شريف ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت آهي جن وٽ عمري يا حج اجازت نامن کانسواءِ لاڳاپيل ادارن مان جاري ٿيندڙ اجازت ناما آهن ته هو مڪي ۾ نوڪري ڪن ٿا يا وري سندس اقامو مڪي جي پاسپورٽ کاتي طرفان جاري ٿيل آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.