ڀارتي سپريم ڪورٽ جسم فروشي کي قانوني پيشو قرار ڏئي ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ سمورين رياستن ۽ مرڪزن جي انتظام هيٺ علائقن جي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته هو فحاشي جو ڪم ڪندڙ ورڪرز جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪن.

عدالت جسم فروشي کي پيشو مڃيندي چيو ته پوليس کي بالغ ۽ رضامندي سان جسم فروشي جو ڪاروبار ڪندڙ عورتن خلاف مجرماڻي ڪارروائي نه ڪرڻ گهرجي.

سپريم ڪورٽ چيو ته جسم فروشي جو ڪم ڪندڙ ورڪرز به قانون تحت عزت ۽ برابر تحفظ جون حقدار آهن.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس ايل ناگيشور رائو، بي آر گوائي ۽ اي ايس بوپنا جي بينچ جسم فروشي جي پيشي جي حقن جي تحفظ لاءِ هدايتون جاري ڪندي چيو ته هي عورتون به قانون تحت برابر تحفظ جون حقدار آهن.

عدالت جو چوڻ هو ته جڏهن به پوليس ڇاپو هڻي ته عورتن کي گرفتار نه ڪيو وڃي، رضاڪاراڻي طور تي جسم فروشي جو ڪم ڪرڻ ۾ ملوث هجڻ غيرقانوني ناهي رڳو اڏو هلائڻ غيرقانوني آهي.

عدالت موجب عورت کي ٻار کان ڌار نه ڪيو وڃي، پوليس کي سمورن جسم فروشن سان احترام سان پيش اچڻ گهرجي ۽ ساڻن زباني يا جسماني بدسلوڪي نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ئي کين ڪنهن جنسي عمل تي مجبور ڪرڻ  گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.