زال ماري ٿي: اسڪول پرنسپال فرياد کڻي عدالت پهچي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست راجستان ۾ هڪ اسڪول پرنسپل زال طرفان تشدد جي شڪايت کڻي عدالت پهچي ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب راجستان جي علائقي الور ۾ زال جي ڪٽڪي تي عدالت پهتل شخص لکط ۾ شڪايت داخل ڪرائي ۽ ثبوت طور وڊيو به فراهم ڪئي.

گهريلو تشدد جو معاملو راجستان جي ضلعي الور جي ڀوادي علائقي ۾ رپورٽ ٿيو آهي.

اسڪول پرنسپال اجيت سنگهه ياديو پنهنجي شڪايت ۾ چيو ته سندس زال نه رڳو کيس روزانو ماري ٿي پر گهران به ڪڍي ڇڏي ٿي.

همراهه طرفان ڏنل سي سي ٽي وي فوٽيج به وائرل ٿيا آهن جن ۾ کيس ڪرڪيٽ بيٽ سان ڪٽڪو کائيندي ڏسي سگهجي ٿو.

پوليس موجب زال کيس عدالتي ڪارروائي جي ڌمڪي ڏئي بليڪ ميل به ڪندي رهي آهي.

ياد رهي ته اسڪول پرنسپال پسند جي شادي ڪئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.