دعائون قبول نه ٿيڻ تي همراهه هٿوڙو کڻي مندر ۾ گهڙي پيو، بُتن تي حملو !

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ دعائون قبول نه ٿيڻ تي مندر ۾ گهڙي بتن کي ڀڃڻ جي الزام ۾ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ٽي وي موجب اترپديش رياست جي شهر نويدا ۾ ونود ڪمار نالي شخص مندر ۾ رکيل ٽن بتن کي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو.

پوليس جو چوڻ آهي ته مندر ۾ رکيل ٽي بت ڀڳل پيا هئا جنهن جي جاچ ڪئي وئي.

جاچ ۾ پتو پيو ته اهو ونود نالي همراهه جو ڪم هو جنهن کي گرفتار ڪري ڀڃ ڊاهه لاءِ استعمال ڪيل سامان پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.

جاچ دوران ونود ٻڌايو ته سندس زال ۽ پنجن ورهين جو ٻار بيمار آهن، مان ڏاڍيون دعائون گهريون پر هو ٺيڪ نه ٿيا جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ خالا به لاڏاڻو ڪري وئي جنهن تي پريشاني ٿي هئي.

هن مان بتن کي ڀڃڻ لاءِ هٿوڙي جو استعمال ڪيو.

جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري جيل موڪليو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.