سام سنگ جو  356 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ذريعي 80 هزار نوڪريون ڏيڻ جو اعلان

اليڪٽرانڪس شيون ٺاهيندڙ ڪمپني سام سنگ 356 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ذريعي 80 هزار نيون نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪورين ڪمپني جو چوڻ آهي ته هو سال 2026ع تائين چِپ جي تياري ۽ بائيو فارماسيوٽيڪلز ۾ 356 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندي.

ان رقم جو وڏو حصو معني 285 ارب ڊالر ڏکڻ ڪوريا ۾ ئي انويسٽ ڪيو ويندو.

سام سنگ 2026ع تائين 80 هزار نيون نوڪريون ڏيڻ جي منصوباندي ڪئي آهي، يعني ساليانو 16 هزار نوڪريون ڏنيون وينديون.

گهڻي قدر نوڪيون ڏکڻ ڪوريا ۾ ئي ڏنيون وينديون، پر ان جو فائدو ٻين ملڪن جي جي شهرين کي به ٿيندو ڇاڪاڻ ته سام سنگ جي جون آفيسون، برطانيا، آمريڪا، ڪئناڊا ۽ فليپائن ۾ به موجود آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.