22 ملڪن ۾ منڪي پاڪس جي 200 کان وڌيڪ ڪيسن جي تصديق

دنيا جي 22 ملڪن ۾ منڪي پاڪس جا 200 کان وڌيڪ ڪيسن جي تصديق ٿي وئي آهي.

يورپي يونين جي سينٽر فارڊيزيز پريونٽيشن اينڊ ڪنٽرول ( اي سي ڊي سي ) موجب هنيئر تائين مختلف ملڪن ۾ منڪي پاڪس جي 219 ڪيسن جي تصديق ٿي چڪي آهي.

اي سي ڊي سي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هنيئر تائين يورپ ۾ هڪ ڊزن کان وڌيڪ ملڪن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪيس جي تصديق ٿي چڪي آهي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هي پهريون ڀيرو آهي جو منڪي پاڪس وائرس اولهه يا وچ آفريڪا کان ٻاهر لامارا ڏئي رهيو آهي.

هن وقت تائين سڀ کان گهڻا ڪيس برطانيا ۾ رپورٽ ٿيا آهن جن جو انگ 71 آهي جڏهن ته اسپين ۾ 51 پرتگال 37 سان ترتيبوار ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي آهن.

يورپ کان ٻاهر ڪئناڊا ۾ 15 ۽ آمريڪا ۾ 9 ڪيسن جي تصديق ڪئي وئي آهي.

گڏيل طور تي برطانيا، آسٽريا، بيلجيئم، فرانس، جرمني، اٽلي، پرتگال، سلوانيا، اسپين، سوئيڊن، هالينڊ، ڊئنمارڪ، چيڪ جهموريه، سوئٽزرلينڊ، ناروي، اسرائيل، ڪئناڊا، آمريڪا، آسٽريليا، ارجنٽينا، گڏيل عرب رياستون ۽ ويلز ۾ منڪي پاڪس جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪيس جي تصديق ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.