ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته آءِ ايم ايف فيول ۽ بجلي سبسڊي واپس وٺڻ جي اهميت تي زور ڏنو، مالي پوزيشن کي مستحڪم رکڻ لاءِ سخت مالياتي پاليسي جي ضرورت هوندي.
ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ مفتاح اسماعيل چيو ته دوحا ۾ آءِ ايم ايف سان ڳالهين کانپوءِ پاڪستان پهتو آهيان، گذريل هفتي پاڪستاني وفد جون آءِ ايم ايف سان فائديمند ۽ تعميري ڳالهيون ٿيون، مالي سال 2022 جي گهرجن تي ڳالهيون ٿيون.
I have just returned from Doha after talks with the IMF. Our delegation had very useful and constructive discussions with the IMF team over the last week.
We discussed significant slippages in FY 22, caused in part by the fuel subsidies given in February 2022. 1/3
— Miftah Ismail (@MiftahIsmail) May 26, 2022
هن چيو ته فيبروري 2022 ۾ فيول تي ڏنل سبسڊيز بابت ڳالهه ٻولهه ٿي، آءِ ايم ايف سان مالي سال 2023 جي مالي هدفن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت مالي سال 2023 ۾ بجيٽ خسارو گهٽ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، گذريل حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي فيول ۽ بجلي تي سبسڊي ڏني، حڪومت آءِ ايم ايف پروگرام جاري رکڻ ۽ پاڪستان کي پائيدار ترقي جي رستي تي آڻڻ لاءِ پرعزم آهي.