2023 جي عام چونڊن ۾ ڪيترا ارب خرچ ٿيندا؟ تفصيل سامهون اچي ويا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 2023 جي عام چونڊن ۾ خرچن جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويا آهن.

رپورٽ موجب 2023 جي عام چونڊن ۾ 47 ارب 41 ڪروڙ 73 لک رپيا خرچ ٿيندا، ٽريننگ ونگ تي هڪ ارب 79 ڪروڙ 90 لک رپيا خرچ ٿيندا.

تفصيلن موجب بيلٽ پيپرن جي پرنٽنگ تي 4 ارب 83 ڪروڙ 55 لک رپيا، جڏهن ته چونڊ فهرستن تي 27 ڪروڙ 20 لک رپيا خرچ ٿيندا.

پارلياماني معاملن واري وزارت طرفان 2023 جي عام چونڊن جا خرچ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويا آهن.

چونڊن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ آءِ ووٽنگ تي 5 ارب 60 ڪروڙ 6 لک رپيا، آرمي جي خدمتن ۽ سيڪيورٽي تي 15 ارب رپيا خرچ ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.