ٽڪ ٽاڪر ۽ ٽي وي اداڪارا گولين جو کاڄ بڻجي وئي

سري نگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي علائقي بڊگام ۾ سوشل ميڊيا اسٽار ۽ ٽي وي اداڪارا کي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب 35 ورهين جي ٽڪ ٽاڪر ۽ ٽي وي اداڪارا امرين ڀٽ کي دهشتگردن سندس گهر ٻاهران گوليون هيون جنهن جي نتيجي ۾ هو زخمي ٿي پئي.

امرين ڀٽ کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪترن سندس موت جي تصديق ڪئي.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب فائرنگ ۾ امرين ڀٽ جو 10 ورهين جو ڀائيٽيو فرحان زبير به زخمي ٿيو جنهن کي طبي امداد ڏني وئي.

ٻئي پاسي ڀارتي فوج پنهنجي رياستي دهشتگردي جي ڪارروائي ۾ ٽن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.

ضلعي ڪپواڙا جي علائقي جم گنڊ ۾ فوج هڪ آپريشن دوران نوجوانن کي شهيد ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.