ڀارت جو وڏو ڪارنامو، پاڪستان ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ کان به ٻاهر

 

جڪارتا (ويب ڊيسڪ) ايشيا هاڪي ڪپ ٽورنامينٽ ۾ ڀارت انڊونيشيا کي 0-16 تان شڪست ڏئي نه رڳو سپر فور مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو پر پاڪستان کي ايونٽ کان ٻاهر به ڪري ڇڏيو.

ايشيا ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ سان گڏوگڏ قومي ٽيم ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ کان به محروم ٿي وئي.

جڪارتا ۾ جاري ايونٽ ۾ اڄ پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي جاپان شڪست ڏئي ڇڏي.

پاڪستان جي شڪست کانپوءِ ڀارت کي سپر فور مرحلي ۾ پهچڻ لاءِ انڊونيشيا کي گهٽ ۾ گهٽ 16 گولن تان هارائڻو هو ۽ ڀارت ان ۾ ڪامياب رهيو.

ڀارت ميچ ۾ انڊونيشيا کي 0-16 تان شڪست ڏئي ڇڏي، جنهن کانپوءِ پاڪستان ايونٽ کان ٻاهر ٿي ويو.

گڏوگڏ سپر فور مرحلي ۾ نه پهچڻ سبب پاڪستان هاڪي ورلڊ ڪپ ۾ ڪواليفاءِ به نه ڪري سگهيو.

واضح رهي ته هاڪي ورلڊ ڪپ جنوري 2023 ۾ ڀارت ۾ شيڊيول آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.