”مڙسن کي ڪيئن قتل ڪجي“ جي ليکڪا گرفتار

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) پنهنجي مڙس کي قتل ڪرڻ جي طريقن بابت بلاگ لکندڙ هڪ ليکڪه کي سندس مڙس جي قتل جو ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي.

آمريڪي رياست اوريگون جي شهر پورٽ لينڊ ۾ عدالت رومانوي ناول لکندڙ 71 ورهين جي ليکڪه نينسي ڪريمپٽن بروفي کي پنهنجي مڙس ڊينيئل بروفي کي گولي هڻي قتل ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو.

استغاثه چييو ته ليکڪه اهڙا ناول لکيا آهن جن جا عنوان آهن ته غلط مڙس، غلط محبوب، غلط ڪڏهن صحيح ناهي هوندو ۽ هو ان ڏوهه ڪرڻ کان اڳ مالي مسئلن جو به شڪار هئي.

استغاثه موجب نينسي 2018 ۾ پنهنجي مڙس کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو، ٻئي پاسي نينسي بروفي ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي.

نينسي فوٽيجز ۾ واقعي واري هنڌ موجود آهي پر سندس چوڻ آهي ته هو واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري رهي هئي ۽ ڇو ته کيس پنهنجي ناول لاءِ مواد گهربل هو.

هن وڌيڪ گهڻن سوالن تي اهو چئي ڇڏيو کيس ڪجهه ياد ناهي.

پسٽول خريد ڪرڻ بابت هن چيو ته هن اهو به ناول تي تحقيق لاءِ ورتو هو.

هن ان ڳالهه کان به انڪار ڪيو ته جيڪي پيسا کيس مڙس جي موت تي مليا هو انهن لاءِ کيس قتل ڪرڻ چاهيندي هئي.

نينسي ناول لکندي آهي ۽ هن هڪ بلاگ لکيو هو جنهن جو عنوان هو ته پنهنجي مڙس کي ڪيئن قتل ڪجي. جيڪو اڃان تائين انٽرنيٽ تي موجود آهي جنهن ۾ مڙسن کي مارڻ جا طريقا بيان ڪيل آهن.

سندس وڪيلن جو چوڻ آهي ته هو اهڙي فيصلي خلاف اپيل ڪندا.

نينسي جي سزا بابت 13 جون تي ٻڌايو ويندو کيس عمر قيد ڏئي سگهجي ٿي.

نينسي کي سيپٽمبر ۾ گرفتار ڪيو ويو هو ۽ هيل تائين پوليس جي تحويل ۾ آهي.

ياد رهي ته سندس بلاگ ۾ لکيو ويو هو ته زهر استعمال نه ڪريو ڇو ته ان جو پتو لڳي ويندو آهي.

چاقو ۾ شڪار جي ويجهو وڃڻو پوندو آهي جڏهن ته پسٽول ٺيڪ آهي پر اهو آواز ڪندو آهي ان لاءِ اوهان کي مهارت گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.