نوجوت سنگهه سڌو جيل ۾ ڪلارڪ بڻجي ويو

نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ۽ اپوزيشن پارٽي ڪانگريس سان تعلق رکندڙ ناليواري سياستدان نوجوت سنگهه سڌو جيل ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪندو.

پرڏيهي ميڊيا موجب سڌو سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي ٻاهر وڃي ڪم ڪرڻ بدران پنهنجي بيرڪ ۾ ئي ڪم ڪندو، جنهن لاءِ کيس فائلز به سندس بيرڪ ۾ ئي پهچايا ويندا.

ڀارتي ميڊيا موجب جيل ۾ شروعاتي ٽن مهينن دوران ڏوهارين کي بنا اجوري ڪم جي سکيا ڏني ويندي آهي، جنهن کانپوءِ هر ڏوهاري کي درجا بندي بعد 30 کان 90 ڀارتي رپيا روزاني اجورو ڏنو ويندو آهي جڏهن ته ڏوهارين جي جيل ۾ ڪيل محنت جا پئسا سندن بئنڪ اڪائونٽ ۾ فراهم ڪيا ويندا آهن.

ياد رهي ته 34 ورهيه پراڻي روڊ ريج  ( روڊ تي ٿيندڙ جهيڙي دوران مارجي ويل هڪ شخص جي موت بابت ڪيس جو فيصلو ويجهڙائي ۾ ئي ڀارتي سپريم ڪورٽ ٻڌايو جنهن تحت سڌو کي هڪ سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي هئي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.