شعلي فلم جو اهو سين جيڪو فلم مان ڪڍيو ويو هو!

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سينسر بورڊ مقبول ترين فلم شعلي ۾ گبر سنگهه طرفان گرم لوهه جي سيخ سان احمد جي اک ڪڍڻ واري سين کي رليز کانپوءِ ختم ڪرايو ويو هو.

ميڊيا رپورٽ موجب شعلي کي ڀارتي فلم انڊسٽري جي مشهور فلم قرار ڏنو ويندو آهي هي فلم 1975 ۾ رليز ڪئي وئي هئي جنهن ان دور ۾ ڪيترين ئي مقبول فلمن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو هو.

هن پراجيڪٽ جي خاص ڳالهه اها به آهي جو رليز کان اڳ سينسر بورڊ ڪيترائي سين تبديل ڪيا جڏهن ته مختلف منظرن کي ختم به ڪيو ويو هو.

رپورٽ موجب شعلي ۾ مشهور اداڪار امجد گبر سنگهه جو ڪردار ادا ڪيو جڏهن ته سچن پاران احمد جو رول نڀايو ويو هو.

فلم جي هڪ سين ۾ گبر سنگهه احمد جي اک کي لوهه سان ڪڍي رهيو هو جنهن کي سينسر بورڊ انتهائي ظالماڻو قرار ڏنو هو، بعد ۾ سين کي فلم مان هٽايو ويو هو.

ياد رهي ته شعلي ۾ بالي ووڊ جي اداڪار اميتاڀ بچن ۽ اداڪار ڌرميندر به جوهر ڏيکاريا هئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.