عالمي دهشتگرد تنظيم داعش جو سربراهه گرفتار

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ميڊيا جي هڪ رپورٽ ۾ ترڪ اختيارين جي حوالي ڄاڻايو ويو آهي ته سيڪيورٽي فورسز استنبول ۾ تازي سرچ آپريشن ۾ داعش جي نئين سربراهه ابول الحسن القريشي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

رپورٽ ۾ ترڪ اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ترڪي جي دهشتگرد ٽوڙ پوليس ۽ ڳجهن ادارن گڏيل ڪارروائي دوران هڪ همراهه کي گرفتار ڪيو آهي ۽ معاملي جي حساسيت سبب ترڪ اختيارين گرفتار ڪيل شخص جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب گرفتار شخص جي سڃاڻپ ابو الحسن القريشي طور ٿي آهي، آمريڪي ميڊيا آزاداڻي طور تي گرفتار شخص جي سڃاڻپ جي تصديق ناهي ڪري سگهيو، جڏهن ته ترڪ اختيارين موجب ترڪ صدر کي گرفتاري بابت اطلاع ڏنو ويو آهي، جنهن جو اعلان جو ايندڙ ڏينهن ۾ ڪندو.

واضح رهي ته هلندڙ سال جي شروعات ۾ شام ۾ آمريڪي آپريشن ۾ داعش جي اڳوڻي سربراهه جي مارجڻ کانپوءِ ابوالحسن القريشي کي نئون سربراهه بڻايو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.