پاڪستان وومين ٽيم سريلنڪا کي مات ڏئي ٽي 20 سيريز کٽي ورتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وومين ٽيم سريلنڪا کي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچز واري سيريز کٽي ورتي آهي.

پاڪستان ۽ سريلنڪن وومين ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي پئي وڃي، جنهن ۾ قومي ٽيم شروعاتي ٻنهي ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، اهڙي ريت پاڪستاني ٽيم سيريز ۾ 2-0 جي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.

عائشه نسيم پاڪستان کي فتح ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن کي ميچ جي بهترين رانديگرياڻي قرار ڏنو ويو.

ميچ ۾ مهمان ٽيم پنهنجي هڪ اهم رانديگرياڻي ميشا دلهاني جي خدمتن کان محروم رهي.

ڪراچي جي سائوٿ اينڊ ڪلب گرائونڊ تي ميزبان ٽيم طرفان ڪاميابي لاءِ 103 رنز جو هدف ڏنو ويو هو جنهن کي قومي ٽيم 17هين اوور ۾ سولائي سان حاصل ڪري ورتو.

عائشه نسيم بيٽنگ ڪندي 31 بالن تي 45 رنسن جي شاندار ۽ ناقابل شڪست اننگز کيڏي.

قومي ٽيم جي ڪپتان بسما معروف هڪ ڀيرو ٻيهر سٺي بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو۽ 22 رنسون ٺاهيون، ارم جاويد ٽن چوڪن جي مدد سان 18 رنز ٺاهيون، منيبا علي 17 رنسز ٺاهيون جڏهن ته سمنڌيڪا ڪماري، اوشادي رانا سنگهه ۽ ايما ڪنچنا 1-1 وڪيٽ ورتي.

مهمان ٽيم جي فاسٽ بالر اوديشا پرابوڌاني به ڪورونا سبب اڳ ئي سيريز کان ٻاهر آهي جڏهن ته اسپنر ميشا دلهاني به انجري سبب ٻاهر هئي.

ان کان سريلنڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪئي ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 102 رنسون ٺاهيون.

هاسيني پريرا ٽن چوڪن جي مدد سان 35 رنز ٺاهيون، نلاڪشي ڊي سلوا 21 رنز اسڪور ڪيون، هرشيدا 16، اوشادي 8، ڪپتان چماري ۽ ايماني پنج پنج رنز ٺاهيون، ڪاوسنا دلهاري چار ۽ انوشڪا هڪ رنز سان ناٽ آئوٽ رهي.

طوبيٰ حسن، انعم امين، ندا ڊار، فاطما ثنا ۽ ايمن انور هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

سيريز جي ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ڇنڇر تي ڪراچي جي سائوٿ اينڊ ڪلب ۾ ئي کيڏي ويندي.

پاڪستان پهرئين ميچ ۾ ڇهه وڪيٽن سان ڪاميابي ماڻي هئي.

ٻنهي ملڪن وچ ۾ هي سورهين ٽي ٽوئنٽي ميچ هئي، پاڪستان 8 جڏهن ته سريلنڪا ڇهه ميچز ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ۽ هڪ ميچ بنا نتيجي پڄاڻي تي پهتي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.