سون واري ذائقيدار چانهه جي پتي، قيمت هوش اڏائي ڇڏيندي !

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) دنيا جي سڀ کان مهانگي چانهه جي پتي جي قيمت ڄاڻي اوهان جا به هوش اڏي ويندا.

سوشل ميڊيا تي ڀارت جي اندرا گانڌي انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ٻه نوجوان ايئرپورٽ تي موجود چانهه جي پتي جي هڪ دڪان تي موجود آهن.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته دڪان تي موجود سيلز مين ٻڌائي رهيو آهي ته وٽن سڀ کان مهانگي چانهه جي پتي گولڊ جن آهي جنهن جي قيمت 14 لک رپيا في ڪلو آهي.

چانهه جي پتي جي خاصيت اها آهي ته هن ۾ سون جي مٽي کي شامل ڪيو ويو آهي.

هن ٻڌايو ته چانهه کي پاڻي سان استعمال ڪري سگهجي ٿو، اسان کير سان هن کي استعمال نه ڪندا آهيون ڇو ته هن جو ذائقو ئي پاڻي سان ايندو آهي ۽ جيڪو پيئندو آهي وري وري پيئڻ چاهيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.