ايشيا هاڪي ڪپ: جاپان پاڪستان کي 2-3 تان شڪست ڏئي ڇڏي

 

جڪارتا (ويب ڊيسڪ) ايشيا هاڪي ڪپ ۾ جاپان دلچسپ مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي 2-3 تان شڪست ڏئي ڇڏي.

انڊونيشيا جي شهر جڪارتا ۾ جاري ايشيا هاڪي ڪپ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ جاپان پاڪستان کي ٻه جي ڀيٽ ۾ ٽن گولن تان هارائي ڇڏيو.

راند جي 14هين منٽ ۾ جاپان طرفان ريوما اوڪا گول ڪيو ۽ 15هين ئي منٽ ۾ اڪيومي سيگي گول ڪري اسڪور 2 تي پهچائي ڇڏيو.

ٻئي ڪوارٽر جي 23هين منٽ ۾ پاڪستان جي اعجاز احمد گول ڪيو، 27هين منٽ ۾ تاڪومانيوا گول ڪري جاپان کي 1-3 جي سرسي ڏياري ڇڏي.

30هين منٽ ۾ پاڪستان طرفان مبشر علي پينلٽي ڪارنر تي گول ڪيو، ميچ ۾ پاڪستان جا ٻه گول رد ٿيا، هڪ گول فائول سبب ۽ ٻيو گول ميدان ۾ 12 رانديگر هجڻ سبب رد ڪيو ويو.

امپائر فيصلو ڏنو ته گول ڪرڻ وقت پاڪستان جا 12 رانديگر ميدان ۾ هئا، 12 رانديگر ميدان ۾ هجڻ سبب پاڪستاني ڪپتان عمر کي ييلو ڪارڊ ڏيکاري 5 منٽن لاءِ ٻاهر نه ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.