ڪيريئر ۾ موقعا نه ملڻ تي ماڊل آپگهات ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي نوجوان ماڊل بديشا ڊي مجمدر پنهنجي اپارٽمينٽ مان مئل حالت ۾ هٿ ڪئي وئي.

پوليس آفيسر جو چوڻ آهي ته اربع جي شام ڪولڪتا جي ناگر بازار ۾ واقع اپارٽمينٽ ۾ پاڙيسرين در ٽوڙيو ته بديشا ڊي مجمدر جو لاش مليو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب پوليس ٻڌايو ته هڪ 21 ورهين جي ماڊل بديشا ڪولڪتا ۾ پنهنجي ڪرائي جي اپارٽمينٽ مان مئل حالت ۾ ملي آهي.

پوليس موجب لاش ويجهو هڪ نوٽ مليو آهي جنهن ۾ لکيو هو ته هو ڪيريئر جي موقعن جي کوٽ سبب انتهائي قدم کڻي رهي آهي.

ماڊل جو واسطو اترئين علائقي سان هو ۽ هو برائيڊل ميڪ اپ ۽ فوٽوشوٽس ۾ مقبول هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.