واٽس ايپ وڌيڪ هڪ نئون فيچر پيش ڪري ڇڏيو

دنيا جي مشهور ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ هڪ پيغام ۾ 2 جي بي مواد موڪلڻ وارو فيچر پيش ڪري ڇڏيو آهي.

واٽس ايپ هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ ئي ميسيج تي ” ايمو جيز“ ذريعي ريپلائي ڪرڻ وارو فيچر پڻ متعارف ڪرايو هو، ان کانسواءِ ميسيجنگ ايپ ڪنهن به گروپ ۾ ميمبرن جو انگ وڌائڻ وارو فيچر به پيش ڪيو هو.

هاڻي ڪمپني ميسيج ذريعي 2 جي بي تائين مواد جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.

هاڻي پاڪستان سميت سموري دنيا جا واهپيدار ميسيج ذريعي ٻه جي بي جي ويڊيو، آڊيو ۽ ڊاڪيومينٽس فائل سولائي سان موڪلي سگهندا.

جيڪڏهن ته اڃا تائين واهپيدار پيغام ذريعي ٻه جي بي تائين مواد موڪلڻ کان لاچار آهن ته کين گھٻرائڻ جي ضرورت ناهي، جلد ئي انهن وٽ به فيچر ڪم شروع ڪندو.

ميسيجز ذريعي ٻه جي بي مواد موڪلڻ جي اجازت ڏيڻ کانپوءِ هاني واٽس ايپ سڀ کان وڌيڪ مواد موڪلڻ جي اجازت ڏيندڙ ايپليڪيشن بڻجي وئي آهي.

حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته گوگل جي جي ميل تي به واهپيدارن هڪ ميل ذريعي 25 ايم بي تائين مواد موڪلي سگهن ٿا، يعني جي ميل واهيپدار واٽس ايپ جي ڀيٽ ۾ 1900 سيڪڙو گهٽ مواد موڪلي سگهن ٿا.

جڏهن ته مائيڪرو سافٽ جي آئوٽ لڪ اي ميل تي به واهيپدارن کي 20 ايم بي مواد موڪلڻ جي اجازت هوندي آهي، ايستائين جو انسٽاگرام ۽ فيسبڪ به پيغام ذريعي 2 جي بي مواد موڪلڻ جي اجازت ناهن ڏيندا.

واٽس ايپ جيان ٽيلي گرام ايپليڪيشن هڪ ميسيج ذريعي 2 جي بي مواد موڪلڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿو، ان کانسواءِ باقي سموريون ايپس جن ۾ زوم، اسنيپ چيٽ، اسڪائپ، گوگل چيٽ ۽ لنڪڊ ان به شامل آهن اهي 2 جي بي ڊيٽا شيئر ڪرڻ جي اجازت نٿيون ڏين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.