فرح خان جو ڪاروبار ڏسندڙ 4 ڄڻن کي نيب جو نوٽيس

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) نيب لاهور فرح خان جو ڪاروبار ڏسندڙ 4 ڄڻن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

نوٽيس مظاهر بيگ، وقار، آصف ۽ منير کي جاري ڪيا ويا آهن، چئني ڄڻن کي 30 مئي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته انڪوائري ۾ خبر پئي آهي ته توهان وٽ جوابدار فرح خان بابت ثبوت ۽ رڪارڊ موجود آهي، فرح خان طرفان ڪيل ڏوهن جي ثبوتن ۽ رڪارڊ سان گڏ پيش ٿيو.

نوٽيس ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب لاهور بينش نعمان جي صحيحن سان جاري ڪيا ويا آهن.

نوٽيس ۾ چئني ڄڻن کي ڊپٽي ڊائريڪٽر نيب لاهور عديل احمد سامهون پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.