ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جياداڪار، هدايتڪار ۽ پروڊيوسر ياسر نواز انڪشاف ڪيو آهي ته کيس خبر ئي ناهي ته سندس زال ندا ياسر جي پگهار ڪيتري آهي.
هن هڪ انٽرويو دوران چيو ته خدا کي حاضر ناظر ڪري چوان ٿو ته مون کي خبر ناهي ته ندا جي پگهار ڪيتري آهي.
هن چيو ته کيس خبر هجڻ به نه گهرجي ۽ مون کي پگهار بابت ندا سان ڳالهائڻ ئي نه گهرجي.
سندس چوڻ هو ته سندس خيال ۾ جڏهن زال ڪمائيندي آهي ته مرد گهر ۾ ويهي وڃي ته مسئلا پيدا ٿيندا آهن ۽ خانداني توازن بگڙي ويندو آهي.
ڳالهين دوران هن ندا ياسر لاءِ گانو به ڳايو.