ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ ڪراچي جي قيادت خلاف دهشتگردي روڪ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب ڪراچي جي علائقي نمائش چورنگي تي ڀڃ ڊاهه ۽ ڌرڻي جي معاملي تي پي ٽي آءِ جي مقامي قيادت خلاف ڪيس سولجر بازار ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته سرڪار جي فرياد تي ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ ۽ ڀڃ ڊاهه سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويا آهن.
پوليس موجب ڪيس ۾ علي زيدي، فردوس شميم نقوي، بلال غفار، خرم شير زمان، ارسلان تاج، محمد علي جي جي، جمال صديقي، محسن بٽ ۽ اشرف علي نامزد آهن.