لانگ مارچ رڳو سوشل ميڊيا جي حد تائين آهي: بختاور ڀٽو زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي نياڻي بختاور ڀٽو چيو آهي ته لانگ مارچ رڳو سوشل ميڊيا جي حد تائين آهي.

ٽوئٽر تي مينا نالي واهپيدار وفاقي راڄڌاني جي روڊن جي وڊيو شيئر ڪئي.

مينا ٻڌايو ته هو گهر اچي وئي آهي ۽ هن روڊن تي پي ٽي آءِ جو هڪ جهنڊو به نه ڏٺو.

سندس ٽوئيٽ ري رد عمل ڏيندي بختاور ڀٽو چيو ته اتي ڪير نه هو، پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ رڳو سوشل ميڊيا جي حد تائين آهي.

بختاور ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ وارا ماڻهن کي گڏ نه ڪري سگهيا.

ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ جي چيئرمين عمران خان حڪومت کي اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ چونڊن جي اعلان لاءِ ڇهن ڏينهن جي مهلت ڏني آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.