حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڊائريا جي ڪيسن ۾ واڌ

حيدرآباد ( ويب ڊيسڪ ) حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ کانپوءِ ڊائريا جي ڪيسن۾ اضافو ٿي ويو .

صحت کاتي جي ذريعن موجب رڳو 24 ڪلاڪن دوران حيدرآباد ڊويزن  جي نون ضلعن ۾ 1900 کان وڌيڪ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

صحت کاتي جو چوڻ آهي ته حيدرآباد مان رپورٽ ٿيل ڪيسن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جو انگ 800 کان وڌيڪ ۽ 5 ورهين کان وڌيڪ عمر وارن ماڻهن جو انگ 1100 کان وڌيڪ آهي.

رپورٽ موجب ڊويزن ۾ ڊائريا جا سڀ کان گهڻا ڪيس حيدرآباد ۾ 509 کان وڌيڪ جڏهن ته ٽنڊو محمد خان، ٺٽو، ۽ دادو ترتيبوار ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي آهن.

صحت کاتي شهرين کي ڪڙهيل پاڻي پيئڻ ۽ ٻاهر جو کاڌو نه کائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.