هوائي اڏي تي 2 مسافرن وٽان ڪروڙين رپين جي ماليت جا ڊالر هٿ

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي هڪ هوائي اڏي ۾ ٻن مسافرن جي سامان مان ڪروڙين رپين جي ماليت جي غير ملڪي ڪرنسي هٿ ڪري ضبط ڪيو ويو آهي.

ڄاڻايل واقعو ممبئي جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۾ پيش آيو آهي.

سينٽرل انڊين سيڪيورٽي فورس طرفان جاري ڪيل بيان موجب سوڊان سان تعلق رکندڙ ٻن مسافرن وٽان آمريڪي ڊالر هٿ آيا آهن.

ٻئي مسافر ايٿوپين ايئر لائينز جي اڏام تي عديس ابابا ڏانهن ويندڙ ايئرپورٽ تي پهتا هئا.

سامان چيڪنگ دوران 7 ستن ڊالرن جي موجودگي جو انڪشاف ٿيو هو جنهن تي ڪسٽم اختيارين کي فوري طور آگاهه ڪيو ويو ۽ ٻنهي مسافرن کي اميگريشن ڪائونٽر تائين جي اجازت ڏني وئي.

انکانپوءِ ڪسٽم اختيارين ٻنهي مسافرن کي گرفتار ڪري لک چويهه هزار ست سئو ڊالرز ( 14 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ ) هٿ ڪري ورتا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.