سينيگال جي اسپتال ۾ باهه لڳڻ سبب 11 تازا ڄاول ٻارڙا سڙي فوت

تيفوان ( ويب ڊيسڪ ) آفريڪي ملڪ سنيگيال جي هڪ اسپتال ۾ باهه لڳڻ سبب 11 نوان ڄاول ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا.

سينيگيال جي علائقي تيفوان ۾ پيش آيل واقعي کانپوءِ مقامي ماڻهن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

سينگيال جي صحت واري وزير شروعاتي جاچ نتجين بابت مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسپتال ۾ شارٽ سرڪٽ جي نتيجي ۾ باهه لڳي.

هن وڌيڪ چيو ته هي صورتحال انتهائي تڪيلف ڏيندڙ آهي ۽ واقعي جي جاچ جاري آهي.

تيفوان جي ميئر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته باهه لڳڻ کانپوءِ 3 ٻارن کي بچايو ويو، پر وڌيڪ تفيصل نه ٻڌايا.

ٻئي پاسي سينيگال جي صدر ميڪي سال ٽوئيٽ ڪندي واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.